عبدالله مڪاني

عبدالله مڪاني: مشهور رانديگر عبدالله مڪاني ولد محمود حسين، 17 جون 1931ع تي لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ ديني مدرسه پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان 1951ع ۾، بي. اي آنرس گورنمينٽ سروري ڪاليج هالا مان 1955ع ۾، ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1962ع ۾، ۽ بي. ٽي سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. عبدالله مڪاني 1956ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 16 جون 1991ع تي رٽائر ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان راندين ۾ دلچسپي رهي. هيرانند اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ وقت پئٽرول ليڊر اسڪائونٽنگ، ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن، ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جو ميمبر رهيو. هيءُ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ جو ڪئپٽن هئڻ سان گڏ هاڪي ۽ فوٽ بال جو بهترين رانديگر هو. عبدالله سروري ڪاليج هالا جي شاگرد يونين جو نائب صدر، جيمخانه سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري، ڊراماٽڪ ۽ سوشل ڪلب جو سيڪريٽري، ڪرڪيٽ ڪلب جو ڪئپٽن، حيدرآباد ضلعي ۽ ڊويزن ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ٽيم جو سرگرم ميمبر رهيو. کيس ‘اسٽائلش بيٽسمين’ جو لقب پڻ مليل هو.
عبدالله مڪاني اسڪائوٽنگ ۾ شعبي جو پوري ملڪ ۾ نالو ڪمايو. هيرانند اڪيڊمي ڪراچيءَ مان 1944ع ۾ فرسٽ ڪلاس اسڪائوٽنگ بيج حاصل ڪيائين. 1974ع ۾ قائداعظم جمبوري ڪئمپس لاهور جو ڪانٽيجينٽ ليڊر چونڊيو ويو. هيءُ بوائز اسڪائوٽنگ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو ضلعي سيڪريٽري پڻ رهيو. کيس ڪيترائي اعزاز مليا آهن، جن ۾ هجره ڪئمپ اسلام آباد، ڪوئٽا، لاهور، پشاور ۾ منعقد ٿيندڙ جمبوري ڪئمپن ۾ پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر اوارڊ، سنڌ ڪئمپ، نيشنل روور موٽ لاهور ڪئمپ ۾ گولڊ ميڊل ۽ بيج آف آنر حاصل ڪيائين.
هيءُ لاڙڪاڻي مان فرسٽ وڊ بيج طور چونڊيو ويو. جنهن بعد کيس اسسٽنٽ ليڊ ٽرينر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، جيڪا انٽرنيشنل سطح تي تمام وڏي رينڪ آهي. ان کان سواءِ هي ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر، گورنر صوبائي ڪائونسل، سنڌ اسڪائوٽنگ ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ رهيو آهي. کيس خدمتن جي مڃتا طور صدر پاڪستان طرفان ‘ميڊل آف ميرٽ’ اوارڊ سان نوازيو ويو.


لفظ عبدالله مڪانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.06.17  عيسوي

مشهور رانديگر عبدالله مڪاني ولد محمود حسين، 17 جون 1931ع تي لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
سنگهار
اياز علي شاهه شيرازي
چڪوري
امر رائيسنگهه راجپوت
حاجي محمد سمون
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
اول شاهه ۽ جمن شاهه
امداد علي سرائي
سيد غلام حيدر شاهه1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون